آدرش رنگ

آدرش رنگ ( ڪتاب ): ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي شاعريءَ جو هيءُ ڪرائون سائيز ڪتاب ، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپيل آهي ، هن 97 صفحن جي قيمت 8 روپيا رکيل آهي ، ڪتاب جو ناشر گلشير بلوچ آهي ۽ ڪتاب تي ’ٻه لفظ ‘ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا لکيل آهن ، ڪتاب ۾ وائي رنگ ، نظم رنگ ، ٻالڪ رنگ ، لوڪ رنگ ۽ غزل رنگ عنوان سان صنفون ڏنل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو